اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي بئنڪن کي فراڊ متاثرين کي 5 لک 64 هزار رپين کان وڌيڪ جي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. متاثرين کان فنڊ جي آن لائين منتقلي ۽ اي ٽي ايم فراڊ جي ذريعي رقم ڦري وئي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ٽن فيصلن جي خلاف الائيڊ بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۽ هڪ شهري جي اپيل اڪلائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب شڪايت ??ند?? محمد سليم ظفر، هدايت الله ۽ غلام محمد جا ترتيبوار لاهور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ضلعي ڪڙڪ ۽ پشاور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ ۾ جدا جدا اڪائونٽ هئا. سليم ظفر کي الائيڊ بئنڪ جي هيلپ لائين سان ملندڙ جلندڙ هڪ نمبر تان ??ال آئي ۽ ڪال ??ند?? پنهنجو تعارف بئنڪ جي نمائندي طور ڪرايو. سليم ظفر ڪال ??ند??ن سان پنهنجي بئنڪنگ جي معلومات شيئر ڪئي جنهن کانپوءِ ان جي اڪائونٽ مان ??ل 3 لک 48 هزار 500 رپيا ڪڍيا ويا، اهڙي طرح هدايت الله جا يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ جي ڊيجيٽل ايپ جو است??ما?? ڪندي ڪنهن نامعلوم ماڻهو هڪ لک 70 هزار 969 رپيا ڪڍي ورتا. جڏهن ته ان نه ته اليڪٽرڪ فنڊز ٽرانسفر (اي ايف ٽي) سهولت جي لاءِ درخواست ڏني هئي ۽ نه ئي ان جو است??ما?? ڪيو هو. اهڙي طرح غلام محمد جو ڪارڊ اي ٽي ايم مشين ۾ ڦاسي ويو هو ۽ بعد ۾ ان ??ي خبر پئي ته ڪجهه جعلسازن دوکي ذريعي ان جو ڪارڊ است??ما?? ڪندي ان جي اڪائونٽ مان غيرمجاز طريقي سان 45 هزار رپين جي رقم ڪڍي ورتي. شڪايت ??ند??ن ريليف جي لاءِ بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ان ??انپوءِ هنن جدا جدا بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن سليم ظفر ۽ هدايت الله جي ڪيسن ۾ انهن جي وڃايل رقم واپس ڪرڻ جڏهن ته غلام محمد جو ڪيس شڪايت بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر کي اپيلون ڪيون ويون، جن بئنڪن کي هدايت ڪئي ته ب??نڪ فراڊ جي ٽنهي متاثرين کي فراڊ ڪيل رقم ادا ڪئي وڃي. صدر سليم ظفر ۽ هدايت الله کي معلومات ۾ پنهنجي فيصلن ۾ قرار ڏنو ته لاڳاپيل بئنڪون صارفين جي رضامندي ۽ ڄاڻ کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر جي سهولت کولي، ڄاڻ ۽ رضامندي کانسواءِ فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ اسٽيٽ بئنڪ جي قاعدن جي خلاف ورزي آهي. شڪايت ??ند??ن اهڙي سهولت کولڻ جي ڪا درخواست ناهي ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ب??نڪ فنڊن جي منظوري جي شرطن کي واضح انداز ۾ ٻڌائڻ بابت ڪو ثبوت پيش نه ٿا ڪري سگهن. بئنڪنگ پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، انهي لاءِ متاثرين کي فراڊ جي رقم واپس ڪئي وڃي. صدر چيو ته غلام محمد جي ڪيس ۾ ثابت ٿيو ته جعلسازن دوکيبازي جي ذريعي صارف جو ڪارڊ حاصل ڪيو، صارفين جي مفادن جو تحفظ بئنڪ جي بنيادي ذميواري آهي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪيس کي بند ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪندي اي بي ايل کي هدايت ڪئي ته ب??نڪ غلام محمد کي ان جي وڃايل 45 هزار رپين جي رقم واپس ڪري.