اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پارليامنيٽ هائوس ۾ اسٽيٽ ڪائونسل آف عمان جي ڊپٽي چيئرمين ??يخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب عمان جو پارلياماني وفد آئين ??ي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ پاڪس??ان جي سرڪاري دوري تي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمان ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري رهيا آهن. هن وڏي تعداد ۾ پاڪستاني ڪارڪنن جي شاندار ميزباني تي عمان جي عوام ۽ حڪومت کي ساراهيو. اسپيڪر آئين ??ي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ عمان جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي دوستاڻي لاڳاپن جي نوعيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اسپيڪر چيو ته پاڪس??ان عمان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۾ عمان جي ڪردار کي به ساراهيو. ڊاڪٽر الخطاب اسپيڪر جي خير سگالي تي ٻڌل لفظن کي ساراهيندي چيو ته عمان پاڪس??ان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، هن پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي ذريعي پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مختلف شعبن خاص طور تي موسمياتي تبديلين ۾ تعاون جون راهون ڳولي سگهجن، ملاقات ۾ ايم اين ??ي ناز بلوچ به موجود هئي.