اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني ??يثيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان حوالي سان چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وزيراعظم کي ??لڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير پاران اٿاريل مسئلن تي غور ڪرڻ جو چي?? آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ ??لڪ جي ٻن صوبن ۾ عبوري سيٽ اپ جي قانوني ??يثيت جي حوالي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عبوري حڪومتن پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري ورت?? آهي. آئين ۾ عبوري سيٽ اپ جي مقرر مدي کي جاري رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران حڪومتون آئين جي آرٽيڪل 224 موجب اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي ??نداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ متعارف ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي چي?? آهي ته هو پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ ان معاملي جو جائزو وٺي.