اسلام آباد ?? 05??? اپريل (اي پي پي) ملائيشيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر آمنه بلوچ کي بيلجيئم، لڪمسبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان ??ي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. آمنه بلوچ فارن سروس ??ي سينيئر آفيسر آهي ۽ وسيع سفارتي تجربو رکي ٿي. هو ڊينمارڪ، سريلنڪا، چين ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي. پنهنجي موجوده ذميواري کان اڳ هن چين جي شهر چينگڊو ?? قونصل جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اميد آ??ي ته آمنه بلوچ جلد نيون ذميواريون سنڀاليندي.