لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم جي شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙ يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي وائيس چانسلر ۽ ملڪ جي ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طل??ت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪيو. ترجم??ن موجب گذريل سال ملڪ جي ڊائمنڊ جوبل?? جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي پروفيسر ڊاڪٽر طل??ت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد گذريل ڏينهن 23 مارچ 2023ع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب دوران ڪيو ويو. ترجم??ن موجب پروفيسر ڊاڪٽر طل??ت نصير پاشا کي ان کان اڳ 2015ع ۾ ويٽرنري سائنسز جي شعبي ۾ بهترين خدمتن تي ستاره امتياز ۽ 2009ع ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو آهي. درس ۽ تدريس ۽ انتظامي شعبي ۾ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو رکندڙ ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طل??ت نصير پاشا کي ملندڙ هن ايوارڊ تي سڄي ملڪ جي تعليمي ۽ انتظامي ڌُرين خوشي ج?? اظهار ڪيو آهي. ترجم??ن موجب يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي استادن، اسٽاف ۽ شاگردن پڻ ادار?? جي سربراهه کي ان اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.