اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پاڪستان ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، خميس ڏينهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڏينهن جي شروعات 31 توپن ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ڪراچي، لاهو??، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، اسلام آباد ?? خراب موسم جي ڪري ايوان صدر ۾ ٿيندڙ پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ملتوي ڪئ?? وئي. ايوان صدر موجب پاڪستان ڏهاڙي جي ملتوي ٿيندڙ پريڊ هاڻي 25 مارچ تي ٿيندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته هلندڙ سال پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ روايتي پريڊ ??ڪر پڙيان بدران ايوان صدر ۾ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پريڊ محدود پئماني تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪفايت شعاري پاليسي تحت ڪيو ويو، جڏهن ته خميس جي صبح اسلام آباد ۾ برسات ۽ خراب موسم جي ڪري ايوان صدر ۾ ٿيندڙ پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ملتوي ڪئ?? وئي جيڪا هاڻي 25 مارچ ڇنڇر ڏينهن ٿيندي.