اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جي پنجاب ۽ خيبر??خت??نخواهه جي نئين سر جوڙجڪ نئين حڪومتن جي قيام جي ڪري ڪئي وئي. پنجاب مان توانائي، صنعت، واپار، سيڙپڪاري ۽ هنرسازي واري وزير احسن تنوير ۽ خيبر??خت??نخواهه مان ناڻي ۽ توانائي واري صلاحڪار حمايت الله خان کي ميمبر طور قومي اقتصادي ڪائونسل مقرر ڪيو ويو آهي. صدر نئين سر جوڙجڪ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 156 (1) تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي.