اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چوڌري محمد شهباز بابر چيو آهي ??ه اسان جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي، اسان متحد رهنداسين ته دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادا ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، پاڪستان ال??ه تعاليٰ جو تحفو آهي، جنهن جو قدر ۽ منزلت ۽ تحفظ اسان جي زندگي جو مقصد هجڻ گهرجي، 23 مارچ تجديد جي وچن جو ڏينهن آهي، اڄ اسان کي ??هو عزم ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ ان جي دفاع لاءِ اسان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينداسين. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف ال??ڪٽرانڪ ميديا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) جي اهتمام هيٺ پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان ڊيجيٽل فوٽوگرافڪ اي??زيبيشن جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو. اي??زيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊائريڪٽوريٽ آف ال??ڪٽرانڪ اينڊ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز طارق محمود، فلم ڊائريڪٽر آصف رحمان، اي??زيبيشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊي اي ايم پي فاريه مغل کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن ۽ جاڙن شهرن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. خصوصي مهمان ۽ شريڪ ٿيندڙن کي نمائش بابت بريفنگ ڏيندي ڊي اي ايم پي جي اي??زيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل طارق محمود ٻڌايو ته ڊائريڪٽوريٽ آف ال??ڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جاڙن شهرن جي تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تحريڪ پاڪستان، ڪشمير جي تحريڪ آزادي بابت ڊيجيٽل تصويرن، پينٽنگز جي مقابلن جو انعقاد ڪيو، 200 کان وڌيڪ تصويرون ۽ پينٽنگز ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ پينٽنگز کي چونڊي انهن کي نمائش ۾ رکيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چوڌري محمد شهباز بابر نمائش جي افتتاح کانپوءِ شريڪ ٿيندڙن کي ??طاب ڪندي چيو ته مارچ 1940ع جو ڏينهن اسان جي قومي تاريخ جو سنگ ميل ۽ آزادي جي جدوجهد جو اهم موڙ آهي. ان ڏينهن مسلمانن ننڍي کنڊ مان پنهنجي منزل جو تعين ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ڏهاڙي تي اهو ئي پيغام سڀني جي لاءِ آهي ??ه توهان ديانتداري ۽ خلوص سان ملڪ جي خدمت ڪريو ۽ پاڪستان جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو عزم ڪيو.