ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) گڏيل ع??ب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي جي دوري جي پهرين ڏينهن گڏيل ع??ب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. يو اي اي جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل ع??ب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر مل?? جي دوري جي دعوت تي گڏيل ع??ب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪاري جي تعاون کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي جي رفتار تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گڏيل ع??ب امارات جي صدر 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف يو اي اي جي صدر کي ??اڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي جو اظهار ڪيو جنهن جي لاءِ تاريخ جو تعين سفارتي ذريعن جي ذريعي ڪيو ويندو.