اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وز??ر شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لا??اپن کي ورجائيندي ٻنهي پرڏيهي وز??رن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين بابت امداد تي سعودي عرب جي قيادت جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وز??ر پنهنجي سعودي هم منصب کي ”ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان“ بابت ايندڙ عالمي ڪانفرنس کان آگاهه جيڪا 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي رهي آهي. سعودي پرڏيهي وز??ر پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي سمورن قدمن جي ل??ءِ سعودي عرب جي ڀرپور حمايت کان آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وز??رن افغانستان جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عورتن جي حقن جي ضمانت ۽ زندگي جي سمورن رخن ۾ انهن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي ورجايو. هنن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي ل??ءِ پنهنجي حمايت ۽ افغان عوام جي ل??ءِ وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي ل??ءِ عالميم شموليت جي اهميت کي ورجايو.