ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل رليف ڪميٽيءَ جو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سيد نا??ر حسين شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فلاحي ادارن جي اڳواڻن ظفر عباس، صارم برني ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه هدايت ڪئي ته شه??ن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڏي ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا وڃن ۽ ٻو?? متاثر علائقن ۾ عوام کي گيسٽرو ۽ مليريا کان محفوظ رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته فلاحي ادارن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪنداسين. اجلاس ۾ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير نا??ر حسين شاهه ٻُڌايو ته شه??ن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي، اهو تاثر غلط آهي ته زمينن کي بچائڻ لاءِ ڪٽ لڳايا ويا هئا. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو پنهنجو ڳوٺ پڻ شديد متاثر ٿيو آهي، آبپاشي کاتي کي پاڻيءَ جي نيڪالي جي ذميداري ڏني وئي آهي، جڏهن ته شه??ي آبادين کان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ مڪاني ادارن پاڻيءَ جي نيڪالي وارو ڪم ڪري ر??يا آهن. صوبائي وزير نا??ر حسين شاهه چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ملي ڪري ڪم ڪري ر??يا آهن، جيڪا امداد پاڪستان کي ملي ر??ي آهي اها اين ڊي ايم اي ۽ وفاق حوالي ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ صوبائي نمائندگي پڻ موجود هوندي آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ٻو?? متاثرن جي بحاليءَ بابت آگاهي ڏيندي چيو ته منڇر مان پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ ٿي 117 فوٽ رهجي ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻ تائين 210 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي حڪوم?? طرفان اعلان ڪيل رقم ڏني وئي آهي، ٻوڏ سبب 432852 چوپايو مال مري ويو آهي.