اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ا??ساني همدردي جي بنياد تي فراهم ڪيل ٻي امدادي کيپ وصول ڪئي، ??ها امدادي کيپ سعودي عرب طرفان شاه?? سلمان مرڪز جي ذريعي موڪلي وئي، ??ها ڳالهه پاڪستان ۾ سعودي سفارتخاني مان جاري بيان ۾ چئي وئي آهي. پاڪستان سعودي عرب طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ ا??دادي سامان جي فراهمي تي سعودي حڪومت سان ٿورون جو اظهار ڪيو، ??ها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته سعودي عرب کان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ا??ساني امداد جي پهرين اڏام اڱاري تي ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهت يهئي، پهرين کيپ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، ڪراچي ۾ سعودي عرب جي قونصل جنرل بندر فهد الديل پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائندن سان گڏ وصول ڪئي هئي.