اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) هاڻوڪين سانوڻي جي برساتن ۽ ملڪي سطح تي ٻوڏ جي تباهڪارين جي ن??يجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پوري ملڪ ۾ انسانيت جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن (پفوا) هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ن??طي قدرتي آ??تن دوران متاثرن جي مدد لاءِ انساني سرگرمين ۾ هميشه اڳڀري رهي آ??ي. ان سلسلي ۾ پفو?? جي صدر بيگم ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن ريجنل ايئر ڪمانڊز ۽ پفو?? جي چيئر پرسنز سان گڏ پاڪ فضائيه جي سڀني ايئر بيسز تي ضرورتمند ماڻهن لاءِ عطيا، ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون جمع ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ فضائيه جي سڀني ايئر بيسز جي مرڪزن تي پفوا رليف ڪيمپون قائم ڪيون آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن جي ڪوششن ۽ پاڪ فضائيه جي عورتن جي ڀرپور شموليت جي ن??يجي ۾ گڏ ٿيل عطئي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک 83 هزار 883 رپيا مالي امداد طور 7100 مردن جا جوڙا، 9700 عورتن جا ڪپڙا، 10500 ٻارن جي ڪپڙن کان علاوه 3400 گرم ڪپڙا، 1200 ڪمبل ۽ هڪ هزار بسترا شامل آهن. جيڪي پاڪ فضائيه طرفان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قائم ڪيل فلڊ رليف ڪيمپن ۾ اماڻي پئي وڃي ته جيئن ضرورتمند ۽ متاثر ڪٽنبن تائين پهچائي سگهجي.