اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي جرمني، اسپين، بيلجيم، ليبيا، ڪينيا ۽ ايٿوپيا جي نامزد سفيرن ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان پ??ڪس??ان ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گريناس، اسپين جي سفير جوز انتونيا دي اوري پرل، بيلجيئم جي سفير چارلس ڊيگون، ليبيا جي سفير معمر زيدو عبدالمطلب، ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر ميري نيمبورا ڪمائو ۽ ايٿوپيا جي سفير جمال بڪر عبدالله جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جرمني جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته جرمني پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ وڏن ملڪن مان هڪ آهي، هوا، شمسي توانائي ۽ هائيڊل پاور پراجيڪٽس ۾ مهارت رکندڙ جرمن ڪمپنيون انهن شعبن ۾ موجود موقعن ۽ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته جرمن سيڙپڪار سي پيڪ تحت پ??ڪس??ان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن جي ڏس ۾ واپار جي موجوده سطح کي ??ڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي ضرورت آهي. صدر سان پ??ڪس??ان ۾ اسپين جي نئين سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان ۽ اسپين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر جي ايس پي پلس اسڪيم تي پ??ڪس??ان جي لاءِ اسپين جي حمايت کي ساراهيو. هن پ??ڪس??ان ۽ اسپين جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سان بيلجيئم جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته واپاري وفدن جي مٽاسٽا، واپاري ميلن ۾ شرڪت ۽ گڏيل منصوبن سان واپاري تعاون وڌائي سگهجي ٿو، پ??ڪس??ان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 1.35 ارب ڊالر جي موجوده سطح کان وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته زراعت، پورٽ هينڊلنگ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون جي ضرورت آهي. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پ??ڪس??ان ۾ ليبيا جي نئين سفير پڻ ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ليبيا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته 11 سالن جي وقفي کانپوءِ مقرر ٿيندڙ نئون سف??ر ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي ??ڌيڪ فروغ ڏيندو. صدر سان پ??ڪس??ان ۾ ڪينيا جي سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان ڪينيا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، ڪينيا آفريقا ۾ پ??ڪس??ان جو سڀ کان وڏو برآمدي ۽ ٻيو وڏو درآمدي حصيدار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي واپار، معيشت، دفاع ۽ بارڊر مئنيجمينٽ جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ هم آهنگي جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر سان پ??ڪس??ان ۾ ايٿوپيا جي سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر ايٿوپيا پاران اسلام آباد ۾ سفارتي مشن کولڻ جي فيصلي کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته فيصلي سان لاڳاپن ۾ بهتري ايندي، دوستي ۽ تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوابازي جي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون کي ساراهيو. صدر ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ 2 هفتيوار سڌوسنئون اڏامن جي پڻ آجيان ڪئي.