اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر ع??رف علويءَ جلال پور، ايم فائيو موٽر وي تي روڊ حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت ان المناڪ حادثي ۾ فوتين جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ??ئي ته حادثي ۾ ٿيل زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. صدر مملڪت چيو ته حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪندي ۽ ٽريفڪ جي قانونن جي پاسداري اهڙن ح??دثن کان بچڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته اهڙن ح??دثن کان بچڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. صدر مملڪت زخمين جي صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. صدر مملڪت حادثي ۾ فوتين جي وارثن سان تعزيت ??ئي ۽ انهن جي صبر لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي