ڪوئيٽا – 13 – آگسٽ (اي پي پي) ڊائمنڊ جوبلي جشن آزادي جي سلسلي ۾ گورنمين?? بوائز ڊگري ڪاليج لورال??ئي ۽ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪينٽ ۾ پروقار تقريبون منعقد ڪيون ويون جنهن جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عتيق الرحمان شاهواڻي هو. تقريبن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين اردو ۽ انگريزي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو. ملي نغما ۽ ٽيبلو پي?? ڪيا ويا. تقريبن کي خصوصي مهمان ڊاڪٽر عتيق الرحمان شاهواڻي خطاب ڪندي چيو ته هي ملڪ اس??ن کي اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين جي ڪري مليو آهي. جنهن جو تحفظ، تعمير ۽ ترقي اسان جي ذميواري آهي. پنهنجي ملڪ جي لاءِ هر قسم جي اختلافن کان مٿانهون هڪ متحد قوم جي شڪل ۾ ڪم ڪرڻو پوندو.