اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ 30 جون کان ??انوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪان ??هي جنهن جي ڪري نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي لاڳاپيل (اين ڊي ايم اي) ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي جي تازه ترين پڌرائي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خميس 30 جون کان ??ڱاري 5 جولاءِ دوران ??وفان، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ??رسات جو امڪان ??هي. موسميات کاتي موجب برساتن جي ان ??يز سلسلي جي ڪري 2 کان 4 جولاءِ دوران ??سلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سي??لڪوٽ، فيصل آباد ۽ 3 کان 5 جولاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان ??هي جڏهن ته ڪشمير، گليات، مري لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان ??ورتحال جي ڏس ۾ سمورين وفاقي، صوبائي وزارتن، انهن جي ماتحت لاڳاپيل ادارن بشمول صوبائي، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان ??ابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي کي تيار رکڻ سان گڏ هيٺين علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته جئين موسم جي ڪري ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپ??رٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سي??حتي جاين طرف ويندڙ عوام کي غير ضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيو اهو ته هيٺين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهن ۽ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال بابت ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي آگاهه ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سي??حن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي تازه ترين صورتحال کان ??اخبر رکن.