نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پر??يهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي چارٽر، سلا??تي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل سان ئي ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ مالديپ جي پر??يهي وز??ر عبدالله شاهد سان مالقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پر??يهي وز??ر دنيا کي درپيش پراڻي ۽ نئين چئلينجن جي حل جي لاءِ جنرل اسيمبلي جي صدر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جيڪو جي 77 جي صدارت ڪري رهيو آهي، جي صدارت ڪري رهيو آهي، جنرل اسيمبلي ۾ ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ محنت ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جي 77 عالمي غذائي بحران، ڪوويڊ ويڪسين جي برابر ورڇ، ان وبا مان نڪرڻ جي لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي، ماحوليات جي حوالي سان مالي معاونت جي فراهمي ۽ اسرندر ملڪن ۾ پائيدار انفراسٽرڪچر جي لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اميد رکن ??ا. گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل ۾ سڌارن جي عمل جي اهميت تي زور ڏيندي پر??يهي وز??ر ان معاملي تي ڪو به فيصلو گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي اتفاق راءِ سان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان گڏجي متفقه پلان جي تياري ۾ تعاون ڪندو. پر??يهي وز??ر 5 آگسٽ 2019ع کان والايرل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم واپس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پر??يهي وز??ر جنرل اسيمبلي جي صدر کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني حدبندين بابت پڻ آگاهه ڪيو جن جو مقصد والاريل علائقي جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي.