اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ت??قياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته افغانستان جي عوام جي امداد ??اء?? اسلامي ت??اون تنظيم ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن کانسواءِ عالمي برادري جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پا??ستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پا??ستان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن اها ڳالهه اسلامي ت??اون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري لنگهن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسل??مي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي صدر افغانستان جي ??اء?? هيومنٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو افغانستان جي عوام سان او آءِ سي پاران يڪجهتي جو اظهار آهي، ان فنڊ جي آپريشنل ٿيڻ سان افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اسان جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته افغانستان جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد ??اء?? اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ت??قياتي بئنڪ گذريل ڊسمبر کان مسلسل ٻطرفي ت??قياتي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغانستان جي ??اء?? هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ تحت افغانستان جي ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو افغان ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي، ڇوڪرين جي ت??ليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ?? ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي ت??جيح ڏني ويندي. اهڙي طرح افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? پڻ قدم کنيا ويندا. اسلامي ت??قياتي بئنڪ جي صدر چيو ته افغانستان جي عوام جي امداد ??اء?? او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عالمي امدادي ۽ ترقياتي ادارن ۽ عالمي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ت??قياتي بئنڪ سمورن حصيدارن ۽ عالمي برادري سان گڏجي افغانستان جي عوام جي امداد ??اء?? پرعزم آهي. هن افغانستان جي ??اء?? هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ ۽ اسل??مي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پا??ستان جا ٿورا مڃيا.