اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ??نهنجي هڪ بي??ن ۾ چيو ته نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي وزي?? چيو ته ??ڄ آئون سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ??و، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ڪيل تقريرن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي مون ان ??عاملي کي نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ اٿاريو. نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ زمين هموار ٿي ۽ اسان امت کي ان ??سئلي تي متحد ڪيو ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف متفقه قرارداد منظور ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن ۾ قرارداد پيش ڪئي، پرڏيهي وزي?? چيو ته ??سان چيو ته ??خري نبي حضرت محمد ﷺ جي ش??ن ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، نفرت انگيز بياني کي لغام ڏيڻ گهرجي، الحمد الله دنيا اسان جي موقف کي تسليم ڪيو آهي ۽ اسان جي تجويز تي اهو فيصلو ٿيو آهي ته هر سال 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي روڪڻ جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ??اڪستان کي اسلامو فوبيا جي خلاف هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آئون ان ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ??و.