اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته گرين ايرياز کي رهائشي ۽ واپاري علائقن ۾ بدلائڻ سان ۽ بنا م??صو??ابندي ۽ غير منظم ??هري پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي، پنجاب حڪومت ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ قائم غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خل??ف ڪارروائي ڪري ڇو ته اهڙن علائقن ۾ هائوسنگ سوسائٽين سان عوام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. وزيراعظم ??مران خان سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (آر يو ڊي اي) جي م??صو??ن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم ??ي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، هائوسنگ واري صوبائي وزير ملڪ اسد کوکر، بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته حڪومت ماحولياتي لحاظ سان پائيدار ۽ م??صو??ابندي سان جديد شهرن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيڊ سرمائي کي ريوينيو پيدا ڪندڙ م??صو??ن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، حڪومت رهائشي ۽ واپاري ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ سرسبز علائقن جي تحفظ لاءِ نئين شهري م??صو??ن جي لاءِ ماحول دوست طريقا اختيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم ??ينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سي بي ڊي ۾ 2 ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي سان 57 ارب 88 ڪروڙ روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو، هن چيو ته حڪومت ڊيڊ سرمايو جيڪو سڄي ملڪ ۾ استعمال کانسواءِ پيل آهي ان کي پائيدار روينيو حاصل ڪرڻ جي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن پرڏيهي پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي م??صو??ن ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، هن پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ زمينن کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڇو ته ان سان عوام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. ان کان اڳ اجلاس کي سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي م??صو??ن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ پهرين ڊائون ٽائون نيلامي، پاور پلانٽ جي تعمير، چار باغ، جوک، قومي پارڪ، روڊاڙ ٽيڪنالاجي پارڪ، اوورسيز پاڪستانين جا 10 هزار اپارٽمينٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ ٻيون سهو??تو?? شامل آهن.