راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??وامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي ??لائقي سرسا جي ويجهوکان هڪ تيز رفتار شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان ??ي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿ?? سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذميدار قوم جي ??ور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي ??واب ج?? انتظار ڪنداسين. پريس بريفنگ ۾ ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ته 9 مارچ جي ??ام 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارت جي ??لائقي سرسا جي ويجهو هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 منٽن ۾ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي. هن چيو ته پاڪستاني ايئر ڊفينس ۽ پاڪستان ايئر فورس ان جي مسلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سان سويلين پراپرٽي کي نقصان ٿيو تنهن هوندي به خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته جهڙي طرح اهو واقعو ٿيو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان مان ثابت ٿيو ته ڀارت هوابازي جي ??حفظ جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان ??ي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿ?? سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن چيو ته پاڪستان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذميدار قوم جي ??ور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي ??واب ج?? انتظار ڪنداسين پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان پنهن??ي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ان طرح جي ڪنهن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان واقعي ۾ به پاڪستان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن چيو ته في الوقت ڊي جي ??يم اوز جي ??طح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو، پرڏيهي آفيس لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان وضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته فوج جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، بهتر اهو ٿيندو ته ان باري ۾ ڪا قياس آرائي نه ڪئي وڃي.