اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ پوري قو?? اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري رهي آهي، ان سانحي ??وري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ايس پي ايس سانحي جي شهيدن جي ستين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ فرخ حبيب چيو ته حڪومت سم??ت پوري قو?? ايس پي ايس شهيدن جي پوئينرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اي پي ايس جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ي??د رکيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي ??وري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي ??خر آهي، جنهن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري امن قائم ڪيو آهي.