اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دور?? تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائ?? وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحولياتي تبديلين وارو خاص معاون ملڪ ا??ين اسلم پڻ وز??را??ظم سان گڏ آهن. دوري دوران وز??را??ظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو. وز??را??ظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي. وچ اوڀر خطي جي حوالي سان اهڙي قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي. وز??را??ظم عمران خان سعودي قيادت سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائ?? تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. وز??را??ظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ ناليوارن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن. وز??را??ظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.