دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اف??انستان جي صورتحال تي تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان اف??انستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اها ڳالهه هن وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي ٻي ڏينهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني چئي. اطلا??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستاني سفير به هتي موجود آهن. هن ٻڌايو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدارتي محل ويندو جتي تاجڪستان جي صدر سان ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته اف??انستان جي صورتحال ۾ تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀائر ملڪ اف??انستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.