اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پليٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان پوليس اه??ڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته فرض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ??سي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان پوليس اه??ڪار ريلوي اسٽيشن تي ??نهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو جڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پوليس اه??ڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي ??زيراعظم چيو ته فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان پوليس اه??ڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.