اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جو پارلياماني معامن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جوڙيل ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارلياماني معاملن واري ??زارت جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. نادرا چيئرمين، پارلياماني معاملن واري ??زارت ۽ سائنس ٽيڪنالاجي واري ??زارت جي آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي نادرا چيئرمين ٻڌايو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس ?? آئين موجب نظام جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هن سال اندر مڪمل ٿيندو، ان نئين نظام ۾ انتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي مڪمل ڌار رکيو ويندو ۽ و??ٽ جي رازداري کي قائم رکيو ويندو. نادرا چيئرمين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هن اليڪشن ڪميشن کي به پنهنجي موجوده نظام جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن کي هن ساراهيو ۽ اصولي طور تي اهو ڪم نادرا کي ڏيڻ جو اشارو ڏنو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي فيصلو ??يو ته نادرا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري ??زارت جي ماهرن جو اجلاس اڄ 4 آگسٽ تي ٿيندو جنهن ۾ مشاورت سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي 9 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي ايند?? اجلاس ۾ غور هيـٺ آڻيندي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ نادرا چيئرمين کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن سان اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا هڪ پيج تي اچي رهيا آهن، هن هدايت ڪئي ته هو بريفنگ مختلف پارلياماني ڪميٽين ۾ به پيش ڪرڻ لاءِ تيار رکي.