اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر بندرگاهه جي ت??قي ۽ پاڪ چين ا??تصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ق??مي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري ۽ بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي بلوچستان جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته صوبي جي ماضي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ لاءِ بلوچستان تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ت??قي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي بلوچستان پيڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت صوبي جي نوجوانن کي سکيا ۽ کين روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته گوادر بندرگاهه جي ت??قي ۽ پاڪ چين ا??تصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو.