اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان متحده قومي موومينٽ جي پارليامينٽ جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل ??ئا جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ڪراچي ۾ جاري ترقيا??ي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ان موقعي تي وفاق جي ڪراچي ۾ جاري ترقيا??ي منصوبن جي جلد تڪميل ۽ نئين اعلان ٿيل منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده حڪومت ڪراچي جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لا??ِ قدم کڻي رهي آهي.