اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ۽ ويڙهه نه آهي، اس??ن جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي جنهن سان حڪ??مت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخالف ڌر حڪ??مت جي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام جي مفادن جي حوالي سان قانونسازي ۾ حڪ??مت جو ساٿ ڏي، ملڪ ۽ عوام جي مفادن جي لاءِ حڪ??مت مخالف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪ??مت مخالف ڌر پارٽين جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ ل??ا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل ??ي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪ??مت مخالف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ جلوسن سان گهٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪن ٿا جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم هجي.